لاهور : پاڪستاني اداڪار ۽ گلوڪار هارون شاهد چيو آهي ته بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي جيڪا تصوير پيش ڪئي ويندي آهي، اها حقيقت کان مختلف آهي، جڏهن ته ترقي، انفراسٽرڪچر ۽ شهري سهولتن جي حوالي سان پاڪستان ڀارت کان وڌيڪ بهتر آهي.هارون شاهد تازو ئي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شريڪ ٿيو، جتي هن پاڪستان ۽ ڀارت بابت پاتل عالمي تاثرن تي گفتگو ڪئي.اداڪار جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ماڻهو سمجهن ٿا ته پاڪستان ۾ ڪجهه به ناهي، اسان پنندڙ (ٻانهان) آهيون، اسان وٽ ڪڻڪ، فصل يا وسيلا موجود ناهن، اهڙن ماڻهن کي پاڪستان اچي پاڻ ڏسڻ گهرجي، اسان وٽ هر شيءِ موجود آهي ۽ اسان اهڙا ناهيون جهڙو ڪجهه ميڊيا ادارا اسان کي ڏيکاريندا آهن.هن چيو ته انفراسٽرڪچر، ترقي، غربت، صفائي سٿرائي ۽ شهري شعور جي لحاظ کان پاڪستان ڀارت کان ڪافي وڌيڪ ترقي يافته آهي، بين الاقوامي ميڊيا به هاڻي انهن حقيقتن کي ڏسي رهي آهي.هارون شاهد موجب، ڀارت کي اهو احساس ڪرڻ گهرجي ته عالمي سطح تي پنهنجي ملڪ جي جيڪا تصوير اهو پيش ڪري رهيو آهي، اها هاڪاري تاثر پيدا نه ڪري رهي آهي ۽ هاڻي کيس اڳ جهڙي بين الاقوامي پذيرائي به حاصل ناهي ٿي رهي.پوڊ ڪاسٽ جي ميزبان اياز سمو به ان موقعي تي چيو ته ڀارتي ميڊيا پاڪستان بابت هڪ مخصوص تاثر قائم ڪري رکيو آهي، جڏهن ته پاڪستاني ڊراما ڏسندڙ ڪيترائي ڀارتي ناظرين پاڻ اعتراف ڪندا آهن ته پاڪستان حقيقت ۾ ان تصوير کان ڪافي بهتر آهي جيڪا کين ڏيکاري ويندي آهي.
تبصرے بند ہیں۔