ڊيجيٽل اڪانومي ۾ نئون سنگِ ميل، پاڪستاني فري لانسرز پاران تاريخ رقم

اسلام آباد: پاڪستانين 11 مهينن ۾ فري لانسرز ايمپورٽ (برآمدات) مان هڪ ارب 60 ڪروڙ ڊالر ڪمائي ورتا.پاڪستاني فري لانسرز ڊيجيٽل اڪانومي ۾ نئون سنگِ ميل عبور ڪندي تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي.پاڪستانين فري لانسرز ايمپورٽ مان 11 مهينن ۾ هڪ ارب 60 ڪروڙ ڊالر ڪمايا آهن، هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ فري لانسرز ايمپورٽ ۾ 80 سيڪڙو واڌ ٿي. صرف مئي 2026ع ۾ فري لانسرز ايمپورٽ جي آمدني 16 ڪروڙ 90 لک ڊالر رهي، جڏهن ته مئي ۾ سالياني بنياد تي فري لانسرز ايمپورٽ ۾ 87 سيڪڙو واڌ ڏسڻ ۾ آئي.

تبصرے بند ہیں۔