والدين کي سيف سان ڀَڄي شادي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي: ڪرينا ڪپور

ممبئي : بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا ڪرينا ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته والدين منهنجي سيف سان شادي لاءِ راضي نه ٿي رهيا هئا، جنهن تي مان پنهنجي والدين کي ڀڄي سيف سان شادي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.
بالي ووڊ جي مقبول ترين جوڙي ڪرينا ڪپور ۽ سيف علي خان اڄ پنهنجي شادي جي اٺين سالگرهه ملهائي رهيا آهن ۽ ان موقعي تي هڪ ڀارتي ويب سائيٽ طرفان ڪرينا ڪپور جو انٽرويو شايع ڪيو ويو آهي.
انٽرويو ۾ ڪرينا ڪپور چيو آهي ته جڏهن مان پنهنجي والدين کي سيف علي خان سان شادي ڪرڻ بابت ٻڌايو ته انهن انڪار ڪري ڇڏيو، پوءِ مان والدين کي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن انهن منهنجي شادي هتي نه ڪرائي ته مان اڪيلي لنڊن وڃي سيف سان شادي ڪري ڇڏينديس.
سندس چوڻ هو شادي کانپوءِ ماڻهن چيو ته هاڻ ڪو اداڪار توسان ڪم نه ڪندو ۽ اداڪارا طور تنهنجو ڪيريئر ختم ٿي چڪو آهي پر مان پوئتي نه هٽيس، مان چيو منهنجو ڪيريئر ختم ٿيڻو هوندو ته ٿي ويندو پر سيف اهو شخص آهي، جنهن سان سڄي زندگي گذارڻ چاهينديس.
ڪرينا ڪپور چيو ته سيف علي خان سان شادي منهنجي زندگي جو سڀ کان بهترين فيصلو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔