انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جي دوري لاءِ تيارين جي تصديق ڪري ڇڏي

لنڊن : انگلش ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جي دوري لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان دعوت جي تصديق ڪري ڇڏي.
اي سي بي موجب پي سي بي 2021 جي مُنڍ ۾ دوري جي دعوت ڏني آهي، ان حوالي سان پي سي بي ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن سان ڳالهائي حتمي فيصلو ڪنداسين ۽ پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ اي سي بي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.
انگلش ڪرڪيٽ بورڊ چيو آهي ته تجويز ڪيل پاڪستان جي دوري کان اڳ سيڪيورٽي ۽ صحت جي معاملن کي ڏسڻو پوندو.
هوڏانهن پي سي بي جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان جو چوڻ هو ته انگلش بورڊ کي باضابطا طور 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏڻ لاءِ خط لکيو آهي، جنهن لاءِ جنوري ۾ دعوت ڏني وئي آهي.
هن ٻڌايو ته ڏکڻ آفريقي بورڊ جي بحران باوجود پاڪ – ڏکڻ آفريقا سيريز کي خدشا ناهن، ڏکڻ آفريقا جي سيڪيورٽي ٽيم جائزي لاءِ نومبر ۾ پاڪستان ايندي ۽ ڪرڪيٽ ٽيم شيڊيول موجب جنوري ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي، جنهن ۾ 3 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون شيڊيول آهن.
سندس موجب اسان ڏکڻ آفريقي ٽيم جي دوري کان اڳ انگلينڊ جي ٽيم کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني آهي پر انگلش بورڊ سيڪيورٽي صورتحال ۽ حالتن جو جائزو وٺندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔