ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪيس تيزي سان وڌڻ لڳا، هڪ ئي ڏينهن دوران 17 فوتگيون

اسلام آباد: عالمي وبا ڪورونا وائرس جا ڪيس پاڪستان ۾ تيزي سان وڌڻ سبب هڪ ئي ڏينهن ۾ 17 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 641 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ ٽوٽل انگ 3 لک 22 هزار 452 تائين پهچي چڪو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جا 9 هزار 174 مريض علاج هيٺ آهن ۽ 3 لک 6 هزار 640 صحتياب ٿي چڪا آهن.

ڪورونا وائرس سبب پنجاب ۾ 2 هزار 288 ۽ سنڌ ۾ 2 هزار 574 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. خيبرپختونخواهه ۾ فوتين جو انگ هڪ هزار 265، اسلام آباد ۾ 194، بلوچستان ۾ 146 گلگت بلتستان ۾ 90 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 81 ٿي ويو آهي.

اسلام آباد ۾ ڪورونا جي ڪيسن جو انگ 17 هزار 913 ٿي ويو آهي. پنجاب هڪ لک هڪ هزار 425، سنڌ ۾ هڪ لک 41 هزار 474، خيبرپختونخواهه ۾ 39 هزار 565، بلوچستان ۾ 15 هزار 644، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 33 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 3 هزار 398 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

پاڪستان جي 735 اسپتالن ۾ ڪورونا جي مريضن لاءِ سهوليتون آهن ۽ اسپتالن ۾ ڪورونا جي مريضن لاءِ وينٽي ليٽرز جو انگ هڪ هزار 920 آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔