ڀارت دهشتگردي کي هٿيارطور استعمال ڪري رهيو آهي: پاڪستان

نيويارڪ: پاڪستان چيو آهي ته ڀارت پابندي مڙهيل تنظيمن کي سرحد  پار دهشتگردي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي .

پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ واَضح ڪيو آهي ته ڀارت تحريڪ طالبان ( ٽي ٽي پي)  ۽ جماعت الاحرار جهڙي پابندي مڙهيل تنظمين کي پاڪستان جي عسڪري ۽ سول هدفن کي نشانو بڻائڻ لاءِ سرحد پار دهشتگردي ڏانهن ڌڪي رهيو آهي .

گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن جي فرسٽ سيڪريٽري جهانزيب خان سڪسٿ ڪميٽي جنرل ڊيبيٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته گذريل هڪ ڏهاڪي دوران ڀارت جي رياستي دهشتگردي جي ڪارروائين جي نتيجي ۾ هزارين پاڪستاني مارجي ويا يا زخمي ٿيا آهن.

پاڪستاني سفارتڪار جو بيان ڀارت جي ان مطالبي کانپوءِ سامهون آيو آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته انتقام جي ارادي سان ملڪن پاران معصوم شهرين کي دهشتگرد قرار ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غلط استعمال نه ٿيڻ گهرجي .

پاڪستان جي نمائندي جهانزيب خان چيو ته ڀارت دهشتگردي کي پنهنجي مڙني پاڙيسري ملڪن ۽ خاص ڪري پاڪستان ۽ پنهنجي مسلمان آبادي سان گڏ گڏ والاريل ڄمون ڪشمير جي شهرين خلاف هڪ هٿيار طور استعمال ڪيو .

ڀارت اسان جي سرحدن ٻاهران موجود دهشتگرد تنظيمن کي پاڪستان ۾ پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ ) تي عملدرآمد  کان روڪڻ ۽ حملن لاءِ اڀاريو ۽ مالي سهڪار به ڪيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔