نيويارڪ: پاڪستاني هوٽل روز ويلٽ کي مستقل طور بند ڪرڻ جو اعلان

نيويارڪ: مين هٽن جي دل ۾ واقعي پاڪستاني ملڪيت ۾ موجود روز ويلٽ هوٽل اعلان ڪيو آهي ته هو 31 آڪٽوبر کان مهمانن لاءِ پنهنجا دروازا سدائين لاءِ بند ڪري ڇڏيندو.

اعلان ۾ چيو ويو آهي ته موجوده معاشي اثرن سبب نيويارڪ جو گرينڊ ڊيم روز ويلٽ هوٽل اٽڪل 100 سالن تائين مهمانن جي آڌرڀاءُ ڪرڻ کانپوءِ هاڻي افسوس سان 31 آڪٽوبر تي پنهنجا دروازا مستقل طور تي بند ڪري رهيو آهي .

ان حوالي سان جڏهن هوٽل جي ترجمان جي راءِ وٺڻ چاهي تي هن چيو ته هائو، هي هوٽل بند ٿي رهيو آهي جيئن ته ويب سائيٽ تي اعلان ڪيو ويو آهي ، جڏهن کانئس ان جو سبب پڇيو ويو ته هن چيو ته پنهنجا سوال اِي ميل ڪريو ته انهن جا جواب ڏينداسين .

ويب سائيٽ تي موجود پيغام ۾ چيو ويو آهي ته مستقبل جي ريزرويشن سان گڏ مهمانن لاءِ متبادل رهائش تي ڪم جاري آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔