ڏکڻ ڪوريا جي شهر السن ۾ 33 ماڙ عمارت کي باهه ، 88 کان وڌيڪ ماڻهو سڙي زخمي

السن: ڏکڻ ڪوريا جي شهر السن ۾ 33 ماڙ عمارت کي باهه لڳڻ سبب 88 کان وڌيڪ ماڻهو سڙي زخمي ٿي پيا، پرڏيهي خابرو اداري موجب السن شهر ۾ 33 ماڙ عمارت کي رات جي وقت باهه وڪوڙي ورتو، جنهن ڏسندي ئي ڏسندي خوفناڪ شڪل اختيار ڪري ورتي. پرڏيهي خابرو اداري موجب باهه لڳڻ کانپوءِ فوري طور تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي ۽ امدادي ٽيمن پهچي ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 88 کان وڌيڪ ماڻهو سڙي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب باهه پهرين 12هين ماڙ تي لڳي، جنهن ڏسندي ئي ڏسندي سموري بلڊنگ کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو، فائر فائٽرز ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔