آمريڪي رياست مشي گن جِي گورنر جي اغوا جو منصوبو ناڪام، 13 جوابدار گرفتار

نيويارڪ : آمريڪي رياست مشي گن جِي گورنر جي اغوا جو منصوبو جوڙيندڙ 13 جوابدارن کي ايف بي آءِ گرفتار ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري موجب مشي گن رياست جي گورنر گريٽن وٽمر جي اغوا جو منصوبو ناڪام بڻايو ويو، پرڏيهي خابرو اداري موجب گورنر جي اغوا جو منصوبو جوڙڻ جي الزام هٺ ايف بي آءِ ڪارروائي ڪندي 13 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جن ۾ کاٻي ڌر جي ٻن تنظيمن جا ميمبر به شامل آهن.گرفتار ڪيل گروهه گورنر مشي گن کي چونڊن کان اڳ اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو.ٻئي طرف مشي گن رياست جي گورنر گريٽن وٽمر واقعي کي نسلي انتها پسندي قرار ڏيندي چيو آهي ته امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نسلي انتها پسندي کي هٿي وٺرائي رهيو آهي، جيڪو امريڪا لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔