وفاقي سرڪار نواز شريف جي اخباري اشتهار ذريعي طلبي واري معاملي تي عدالت ۾ رقم جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد : وفاقي سرڪار اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اخباري اشتهار ذريعي طلبي واري معاملي تي عدالت ۾ رقم جمع ڪرائي ڇڏي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي طلبي لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو، ايڊيشنل اٽارني جنرل طارق کوکر اشتهار جي خرچن جي مد ۾ 60 هزار رُپيا جمع ڪرائڻ بعد رجسٽرار آفيسر کي آگاهه ڪري ڇڏيو، خط ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته انصاف جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي اشتهار جاري ڪرڻ جي عمل کي جلد مڪمل ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔