ارڙهين آئيني ترميم ئي اڳوڻي صدر آصف زرداري جو ڏوهه آهي: قادر پٽيل

اسلام آباد : پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته ارڙهين آئيني ترميم ئي اڳوڻي صدر آصف زرداري جو ڏوهه آهي، اهو ئي سبب آهي ته ڪورونا جي خطري باوجود آصف زرداري کي احتساب عدالتن ۾ پيش ٿيڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو آهي ته آصف زرداري پنهنجي ڪيسن کي عدالت ۾ منهن ڏيندو آهي ۽ عدالتن مان بيگناهي ثابت ڪري قوم سامهون سرخرو ٿيندو آهي، آصف زرداري آمرن سامهون نه جهڪيو، عمران خان ته ڪٺ پتلي وزيراعظم آهي، ڪير نه ٿو ڄاڻي ته پاڻ کي طاقتور آمر سمجهندڙ پرويز مشرف کي ايوان صدر ڇڏي ڀڄڻ تي ڪنهن مجبور ڪيو هو، قوم کي مڪو ڏيکاريندڙ پرويز مشرف اڳوڻي صدر آصف زرداري جي هڪ وارننگ تي اقتدار ڇڏي ويو، وزيراعظم پنهنجي وزيرن ۽ خصوصي معاونن جي ڳچي ۾ اين آر او نه ڏيندس جي رڪارڊنگ لڳائي رکي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔