ظالم حڪومت کي گهر ڀيڙو ضرور ڪنداسين:مولانا فضل الرحمان

خوشاب :جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هاڻ وڌيڪ خاموش نه رهنداسين، ظالم حڪومت کي گهر موڪلي ئي رهنداسين.

خوشاب ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولان فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت عوام کي مايوسي کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو، تبديلي جو نعرو هڻڻ وارن عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، اٽي ۽ کنڊ ماڻهن کان سندن سک کسي ورتو آهي.

مولانا فضل الرحمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته هاڻ وڌيڪ خاموش نٿا رهي سگهون، عوام جي لاءِ نڪري پيا آهيون، سموريون سياسي پارٽيون هڪ پيج تي اچي ويون آهن، هن ظالم حڪومت کي گهر ڀيڙو ضرور ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔