ڪراچي مان انتهائي خطرناڪ گينگ وار دهشتگرد گرفتار

ڪراچي: ڪراچي ۾ مبينا ٽائون پوليس ڪارروائي ڪندي انتهائي خطرناڪ گينگ وار دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس مبينا ٽائون جي علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي انتهائي گهربل گينگ وار ڏوهاري علي عرف بمبار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

گرفتار جوابدار منگهو پير ۽ گلبهار ۾ دستي بم حملن ۾ ملوث رهيو آهي، علي جو تعلق گوليمار گينگ وار جميل ڇانگا ۽ آغا ذڪري گروپ سان آهي، علي بمبار ان کان پهريان مراد نالي ماڻهوءَ کي قتل ڪرڻ سبب جيل به ويو هو، گرفتار جوابدار جو ڀاءُ اقبال به سي ٽي ڊي هٿان گرفتار ٿي چڪو آهي.

جوابدار وٽان پوليس دستي بم، موٽرسائيڪل ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔