سياحت کاتي جي اڳوڻي ايم ڊي روشن علي ڪناسرو سوڌو 9 جوابدارن جي ضمانت درخواست رد ، گرفتار ڪري جيل موڪلڻ جو حڪم

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ سياحت کاتي جي اڳوڻي ايم ڊي روشن علي ڪناسرو سوڌو 9 جوابدارن جي ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت جوابدارن کي گرفتار ڪري جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ضمانت رد ٿيل جوابدارن ۾ محمد اعطم، عبدالفتح، غلام مرتضيٰ، وقار علي شاهه، عبدالمجيد سومرو، شهنشاهه حسين، الطاف حسين ۽ نذير احمد شامل، نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ آهي ته جوابدارن فرنيچر جي خريداري ۽ گاڏين جي مرمت جي مد ۾ ڪروڙين رُپين جي ڪرپشن ڪئي، جنهن سان قومي خزاني کي 4 ڪروڙ 85 لک رُپين جو نقصان پهتو، ڪيس ۾ 5 ٺيڪيدارن پلي بارگين ذريعي ڏيڍ ڪروڙ رُپيا واپس ڪري چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔