سنڌ جي عوامي شاعر استاد بخاري جي وڇوڙي کي 28 سال وهامي ويا

ڪراچي: سنڌ جي عوامي شاعر استاد بخاري جي وڇوڙي کي 28 سال وهامي ويا، ڪورونا سبب استاد بُخاري جي ورسي واريون تقريبون ملتوي ڪيون ويون آهن ،

دادو ۾ پونيئرن سوڌو اديب ۽ ليکاري استاد بخاري جي مزار تي حاضري ڀري گُلن جي چادر چاڙهيندا، استاد بُخاري جي شاعري جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿيا، سنڌ جي مشهور فنڪارن به سندس شاعري کي ڳائي مڃتا ماڻي، استاد جي شاعري اڄ به سنڌ جي عوام لاءِ اتساهه جو ڪارڻ بڻيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔