نواز شريف ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سوڌو 40 کان وڌيڪ ليگي اڳواڻن خلاف غداري جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي

لاهور : اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سوڌو 40 کان وڌيڪ ليگي اڳواڻن خلاف غداري جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ، آءِ جي پنجاب انعام غني جي هدايت تي سي سي پي او لاهور جي سربراهيءَ ۾ جي آءِ ٽي قائم ڪئي وئي ، ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ سي آءِ اي جي آفيسرز تي ٻڌل جي آءِ ٽي غداري ڪيس ۾ جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي، ڪيسز ۾ نامزد جوابدارن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته غداري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ به لائحه عمل جوڙيو ويندو، لاهور جي شاهدره ٿاڻي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ بدر رشيد جي فرياد تي نواز ليگ جي 40 اڳواڻن خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔