شريف خاندان کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ تياريون تيز، شهباز شريف جي 10 ڀاتين جا نالا اي سي ايل ۾ شامل

اسلام آباد : شريف خاندان کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ تياريون تيز ڪيون ويون آهن، وفاقي ڪابينا جي منظوري سان شهباز شريف جي 10 ڀاتين جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف جي گهرواري، ٻن ڌيئرن ۽ ٻن پُٽن سوڌو10 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي هئي، نيب جي سفارش تي وفاقي ڪابينا سرڪوليشن ذريعي منظوري ڏني.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔