ڀارت عالمي دهشتگردي ۾ ملوث ۽ دنيا لاءِ نهايت ئي خطرناڪ آهي: آمريڪي رسالو

نيويارڪ: آمريڪي رسالي فارن پاليسي ڀارت ۽ داعش جي ڳٺ جوڙ کي عالمي امن لاءِ نهايت ئي خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو.

فارين پاليسي دهشتگردي جي حوالي سان تمام وڏا انڪشاف ڪندي ڀارتي دهشتگردي جو چهرو دنيا جي سامهون بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي .

آمريڪي رسالي عالمي دهشتگردي ۾ ڀارت کي سڀني کان مٿاهون رکندي ڀارت ۽ داعش جي پاڻ ۾ رابطن جو پردو کڻي ڇڏيو آهي .

رسالي جي رپورٽ ۾ ڀارت جي انتها پسند پاليسي کي تباهه ڪن قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته ڀارتي دهشتگردي جا داستان تاريخي طور تي دنيا جي نظرن کان اوجهل رهيا آهن .

فارين پاليسي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڀارت جي انتها پسند پاليسي جو نوٽيس نه ورتو ويو ته ان جا پري تائين خراب نتيجا نڪرندا .

آمريڪي رسالي جو چوڻ آهي مختلف ملڪن ۾ دهشتگرد حملن جي نئين لهر ۾ ڀارتي سرپرستي نئون موڙ وٺي رهي آهي ۽ آگسٽ ۾ داعش جي جلال آباد جيل تي حملي ان اڀرندڙ خطري کي وڌائي ڇڏيو آهي .

فارين پاليسي موجب داعش ۽ ڀارتي ڳٺ جوڙ 2019 ۾ سري لنڪا ۾ ايسٽر تي بم ڌماڪا ڪيا ، ان ڳٺ جوڙ 2017 ۾ ترڪي ۾ ڪلب تي حملو ، نيو يارڪ ۽ اسٽاڪ هوم ۾ حملا ڪيا ،انهن حملن جي رٿابندي ۾ ڀارتي هٿ نهايت ئي پريشان ڪندڙ آهي.

فارين پاليسي ميگزين ڀارت کي انتها پسند نظرين کي وڌائڻ جي پاڙ ۽ بنياد قرار ڏيندي چيو ته ڀارت جو دهشتگردي ۾ ملوث هئڻ ڪا به نئين ڳالهه ناهي ،ڀارت جي دهشتگرد گروپن جي سرپرستي جا واضح ثبوت موجود آهن .

آمريڪي رسالي جي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪشمير ۾ به ڀارت ۾ موجود انهن ئي عنصرن ڪردار ادا ڪيو ۽ ڀارت جي پاڪستان ۽ افغانستان ۾ موجود نيٽ ورڪس جي رابطن جا واضح ثبوت آهن .

رسالي اهو انڪشاف ڪيو ته اڳ ۾ ڀارت رڳو خطي ۾ دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث رهيو، هاڻي هي وڌي رهيو آهي ، ان کي نه روڪيو ويو ته هي علائقائي ۽ بين الاقوامي امن لاءِ تمام گهڻو خطرناڪ هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔