مريم نواز شريف جمهوريت جي شروعات پنهنجي پارٽي کان ڪرڻ گهرجي: فواد چوڌري

اسلام آباد: سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مريم نواز توهان جمهوريت جي ڳالهه ڪريو ٿا، پهريان ان جي شروعات ن ليگ کان ڪريو.سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي وفاقي وزير چيو ته هي ڇا آهي؟ هڪ طرف جمهوريت جي ڳالهه ڪريو ٿا،ٻئي پاسي سياسي پارٽيون وراثت جي بنياد تي جوڙيو ٿا؟.سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير مريم نواز کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان جي پارٽي ۾ سينئر ماڻهو هٿ ٻڌي ڪري دروازي ٻاهران انتظارڪن ٿا.هن چيو ته ن ليگ جهڙين سياسي پارٽين پاران جمهوريت لاءِ پرچار صرف ڌوڪو آهي ۽ ان کانسواءِ ڪجهه به ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔