پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نير بخاري ڪورونا وائرس لڳي ويو

اسلام آباد: اڳوڻو سينيٽ چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري به ڪورونا وائرس مان متاثر ٿي ويو.
پ پ اڳواڻ پنهنجي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ مثبت اچڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هن پاڻ کي گهر ۾ ئي آئسوليٽ ڪري ورتو آهي.
هن پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي جنهن کان پوءِ هن کي بخار محسوس ٿيو هو.
بخار نڪرڻ تي هن پنهنجي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ ڪرائي جنهن رپورٽ ۾ سندس وائرس مان متاثر ٿيڻ جي سڃاڻپ ٿي.
ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نير بخاري کي فون ڪري هن کان خيريت پڇي ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔