قومي ويمن ڪرڪيٽر ندا ڊار دنيا جي 10 بهترين رانديگرياڻين ۾ شامل

لاهور:پاڪستان ويمن ٽيم جي رانديگرياڻي ندا ڊار آءِ سي سي جي ٽاپ ٽين رانديگرياڻين جي رينڪنگ ۾ شامل ٿي وئي.
آءِ سي سي طرفان رانديگرياڻين جي جاري رينڪنگ ۾ پاڪستان جي ندا ڊار به 10 بهترين ڪرڪيٽرز ۾ جاءِ بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي.
عورت رانديگرياڻين جي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جي صوفي ڊيوائن پهرين جڏهن ته انگلينڊ جي نتالي سيوير آسٽريليا جي ايلس پيري کان ٻي پوزيشن کسي ورتي.
ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل رينڪنگ ۾ ندا ڊار 241 ريٽنگ پوائنٽس سان 10هين نمبر تي اچي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔