ڪورونا وائرس ۾ مبتلا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسپتال منتقل

واشنگٽن:   ڪورونا وائرس ۾ مبتلا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ملٽري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. 

آمريڪي صدر ٽرمپ ماسڪ لڳائي هيليڪاپٽر ۾ اسپتال پهتو جڏهن ته ميلانيا ٽرمپ جي طبيعت ڪجهه بهتر هجڻ سبب کيس اسپتال منتقل ناهي ڪيو ويو. وائٽ هائوس انتظاميه طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر ٽرمپ جو ڪورونا علاج شروع ٿي ويو آهي ان ۾ ڪورونا وائرس جي وچولي درجي جون نشانيون ظاهر آهن. وائٽ هائوس موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي بخار، سيني ۾ تڪليف ۽ کنگهه آهي.

ٽرمپ جي ڌيءَ ايوانڪا، ناٺي ۽ نائب صدر جو ٽيسٽ نگيٽو آيو آهي. ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ کان پوءِ آمريڪي صدر سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پهريون پيغام شيئر ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته سڀني جي حمايت جو ٿورائتو آهيان  پاڻ کي بهتر محسوس ڪري رهيو آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔