پي ڊي ايم حڪومت جي ظلمن خلاف خاموش نٿي رهي سگهي: راناثناءُالله

لاهور:  مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ راناثناءُالله چيو آهي ته پي ڊي ايم حڪومت جي ظلمن خلاف خاموش نٿي رهي سگهي. مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻ رانا ثناءُالله لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته منهنجي خلاف بي بنياد ڪيس ٺاهيا ويا آهن. منهنجي ملڪيت ضبط ڪئي وئي آهي ۽ منهنجي گهر ڀاتين جا اڪائونٽ به ڏيڍ سالن کان  منجمد آهن.

هن چيو ته حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو ڪرپٽ آهن. هي ڪنهن کي بي نقاب ڪري رهيا آهن.؟ هي پاڻ ئي ڦرمار ۾ مصروف آهن. حڪومت طرفان ظلم، زيادتي ۽ ناانصافي 15 مهينن کان جاري آهي. رانا ثناءُالله چيو ته وزيراعظم عمران خان کي صرف مخالف ڌر جي بدعنواني نظر اچي رهي آهي. پنهنجي بدعنواني تي سندن نظر ئي نٿي پوي. فيصل آباد ۾ غريبن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي ۽ ڪروڙين روپين جون ڦرون ٿي رهيون آهن.

هن چيو ته ملڪ جي نظام جو مذاق اڏايو پيو وڃي. اسان ظلمن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين جهڪنداسين ڪڏهن به نه. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ چيو ته هڪ سال کان وڌيڪ گذري چڪو آهي منهنجي خلاف ڪيس تي ڪم ناهي ٿي رهيو. هي چاهين ٿا ته مخالف ڌر ۽ ادارا آمهون سامهون ٿين هي ظلم ڪري رهيا آهن منهنجي خاندان جا سڃاڻپ ڪارڊ 2 سالن کان بلاڪ آهن. هن چيو ته اسان ملڪ سان محبت ڪندا آهيون اسان ڪنهن جي به خلاف نه آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔