نواز شريف ڀارتي وزيراعظم سان ٿيندڙ ملاقاتن جي باري ۾ ٻڌائي: شهباز گل

لاهور: وزيراعظم عمران خان جي صلاحڪار شهباز گل چيو آهي ته(ن) ليگ اڄ سازشي ليگ بڻجي وئي آهي.

نوازشريف ڀارتي وزيراعظم سان ٿيندڙ ملاقاتن جي باري ۾ آگاهي ڏئي. شهباز گل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جون ڪجهه تقريرون ملڪ جي مفاد ۾ نه هيون ۽ مان پهرين ڏينهن کان ئي چيو هو ته نوازشريف جي تقرير کي نشر ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. هن چيو ته 10 مهينن کان پوءِ خبر پوندي ته نوازشريف جي تقريرن سان ڪهڙو نقصان  ٿيو آهي. جڏهن ته اسان کي سياسي طور تي نوازشريف جي تقريرن سان ڪوبه مسئلو نه آهي.

(ن) ليگ  اڄ سازشي ليگ بڻجي وئي آهي ۽ ادارن جي خلاف ڳالهائي رهي آهي. شهباز گل چيو ته نوازشريف پنهنجي پارٽي اڳواڻن کي به پريشانين ۾ وجهي ڇڏيو آهي. شريف فيملي پرپيگنڊا ڪيو ته حڪومت هنن جون ضمانتون رد ڪرايون آهن. حالانڪه هنن پاڻ ئي ضمانت جون درخواستون واپس ورتيون. هن چيو ته نوازشريف پاڪستان جو دشمن نه پر ننڍي سوچ جو  ڪاروباري ماڻهو آهي. ڇا پاڪستان جو ڪوبه واپاري ڀارت وڃي ان جي وزيراعظم سان ملي سگهي ٿو.؟ ڇا نوازشريف ڀارتي وزيراعظم سان کٽمنڊو ۾ ڳجهي ملاقات ڪئي.

هن چيو ته نوازشريف کان جڏهن سوال ٿيندو آهي ته اوهان دشمن سان ڪاروبار ڇو ڪري رهيا آهيو ته هن کي تڪليف ٿيندي آهي. نوازشريف ڀارت ۾ حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. هن وڌيڪ چيو ته نوازشريف کي 1993ع ۾ به فوج سان مسئلو هو ۽ ان کان اڳ غلام اسحاق خان به هن لاءِ مسئلو بڻيل هو. نوازشريف اميرالمومنين بنجڻ چاهيو ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔