هلندڙ مالي سال جي پهرين 3مهينن ۾ ٽيڪس وصولي ۾ 15.19 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو: سنڌ روينيو بورڊ

ڪراچي : سنڌ روينيو بورڊ جي اختيارين هلندڙ مالي سال جي ٽن مهينن دوران ٽيڪس وصولين جا تفصيل پڌرا ڪري ڇڏيا، سنڌ روينيو بورڊ جي اختيارين چيو آهي ته جولاءِ کان سيپٽمبر دوران 26 ارب 37 ڪروڙ 80 لک رپين جو ٽيڪس جمع ڪيو ويو، گذريل مالي سال جي مقابلي ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ ٽيڪس وصولي ۾ 15.19 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو. رڳو سيپٽمبر مهيني ۾ ايس بي آر پاران 10 ارب 42 ڪروڙ 90 لک رپين جو ٽيڪس گڏ ڪيو ويو، گذريل مالي سال دوران انهي مهيني ۾ 8 ارب 96 ڪروڙ 10 لک رپيا ٽيڪس وصولي ٿي هئي. ايس آر بي اختيارين جو چوڻ آهي ته برساتن ۽ ڪورونا وائرس سبب ٽيڪس وصولين تي منفي اثر پيا آهن. سنڌ سرڪار هلندڙ مالي سال ۾ 135 ارب رپين جي ٽيڪس وصولي جو هدف ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔