شادي جي تقريب مان ڪورونا ۾ مبتلا ٿيندڙ سمورو خاندان حياتيون وڃائي ويٺو

قاهره: شادي جي تقريب مان ڪورونا ۾ مبتلا ٿيندڙ سمورو خاندان فوت ٿي ويو. عرب خبرون ڏيندڙ اداري موجب مصر جو هڪ خاندان پنهنجي عزيز جي شادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيو هو.شادي جي تقريب ۾ خاندان جي ماءُ شرڪت ڪئي هئي جنهن مان ان ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي هئي. عرب ميڊيا ٻڌايو آهي ته عورت وائرس سبب فوت ٿي وئي ۽ ان جي فوت ٿي وڃڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ان جي مڙس ۽ ٻن ٻارن ۾ به وائرس جي تصديق ٿي هئي. عورت جي پٽ پنهنجي امڙ جي ڪورونا وگهي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي هئي جڏهن ته ماءُ جي فوت ٿي وڃڻ جي 10 ڏينهن کان پوءِ ئي پٽ انڪشاف ڪيو ته منهنجو پيءُ ۽ هڪ ڀاءُ به ڪورونا سبب فوت ٿي ويا آهن.عرب ميڊيا موجب پيءُ جي فوت ٿي وڃڻ جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پٽ تصديق ڪئي ته هو به ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هي متاثره شخص به ڪورونا سبب ڪجهه ڏينهن اڳ ئي فوت ٿي ويو هو. ميڊيا رپورٽ موجب فوت ٿي وڃڻ کان اڳ هن شخص پنهنجي فيس بڪ اڪائونٽ تي ڪيتريون ئي پوسٽون ڪيون هيون جنهن ۾ هن ماڻهن کي اپيل ڪئي هئي ته ڪورونا جي مريضن سان ملاقات نه ڪريو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔