ڪورونا پابندين باوجود هزارين اسرائيلي شهرين جو وزيراعظم نيتن ياهو خلاف احتجاج

تل: اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو خلاف عوام جي ڪاوڙ جَهڪي ناهي ٿي سگهي ۽ سندس استعيفيٰ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.
ڪورونا وائرس سبب لاڳو پابندين باوجود هزارين اسرائيلي شهرين ڇنڇر جي رات يروشلم ۾ وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي رهائشگاهه ٻاهران وڏي احتجاجي مظاهري ۾ حصو ورتو، جيڪي سندس استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا هئا.
اسرائيلي وزيراعظم بدعنواني جي ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو عوام کيس اقتدار ۾ ڏسڻ نٿو چاهي.
نيتن ياهو ڪوششن ۾ آهي ته اهڙن اجتماعن تي پابندي لڳائي وڃي پر پارليامينٽ في الحال ان معاملي تي ڪو حتمي فيصلو ناهي ڪري سگهي.
احتجاج ڪندڙن جو اهو به الزام آهي ته نيتن ياهو ڪورونا وائرس جي وبا سبب پابندين جي آڙ ۾ پنهنجي خلاف عوامي آواز دٻائڻ چاهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔