دوائن جي اگهن ۾ مناسب واڌ ٿي آهي: ياسمين راشد

چڪوال : پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو آهي ته دوائن جي اگهن ۾ 2003 کانپوءِ ڪا واڌ نه ڪئي وئي، هاڻ جيڪي اگهه وڌايا ويا، اهي به گهڻا ناهن.
چڪوال جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته دوائن جو اگهه 17 سالن کان نه وڌيو، واڌ ضروري هئي، ڇو ته خام مال مهانگو ٿي ويو آهي، دوائن جي اگهن ۾ تازي واڌ گهڻي ناهي، صورتحال کي نظر ۾ رکندي حڪومت دوائون گهڻيون مهانگيون نه ڪيون.
هن چيو ته نواز شريف پنهنجي معاهدي جي پاسداري نه ڪئي، هن لنڊن پهچڻ کانپوءِ پنهنجون ميڊيڪل رپورٽون نه موڪليون، حڪومت کيس انساني همدردي طور ٻاهر موڪليو هو پر نواز شريف ٻاهر وڃي سياست شروع ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔