زمبابوي کانپوءِ ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ ٽيم به پاڪستان جو دورو ڪندي

لاهور :پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ سوقينن لاءِ هڪ ٻي سٺي خبر سامهون آئي آهي ۽ زمبابوي کانپوءِ ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ ٽيم به پاڪستان جو دورو ڪندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر وسيم خان لاهور ۾ ڪلب ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي افتتاح کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته زمبابوي طرفان پاڪستان جو دورو ۽ پي ايس ايل جون رهيل ميچون ٿيڻ سٺو سنئوڻ آهي، ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ ٽيم جنوري ۾ پاڪستان جي دوري تي ايندي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته قومي ٽيم 5 ٽي ٽوئنٽي ۽ اي ٽيم ٻه چئن ڏينهن وارين ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ نيوزيلينڊ ويندي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز ملتان ۽ راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔