شوبز انڊسٽريءَ ۾ عورتن کي مردن کان گهٽ معاوضو ملندو آهي: اشنا شاهه

ڪراچي :من موهڻي اداڪارا اشنا شاهه چيو آهي ته اسان جي انڊسٽري ۾ اداڪارائن جي ڀيٽ ۾ اداڪارن کي وڌيڪ معاوضو ملندو آهي.
اشنا شاهه تازي انٽرويو ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستاني شوبز انڊسٽري ۾ هيروز گهٽ آهن، ڇو ته ان فيلڊ ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون وڌيڪ اينديون آهن، اداڪارائون سيٽ تي جلدي اينديون آهن، وڌيڪ محنت ڪنديون آهن، ڊرامي ۾ اداڪائون سڀ کان وڌيڪ روئينديون آهن ۽ اهو ڪم سولو ناهي.
اداڪارا ان شعبي ۾ عورتن سان پيش ايندڙ ڏکيائين تي ڳالهائيندي چيو ته جن ڇوڪرين جو واسطو شوبز انڊسٽري سان ناهي هوندو، اهي جڏهن ان فيلڊ ۾ اينديون آهن ته کين انهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏکيائيون پيش اينديون آهن، جيڪي شوبز گهراڻي سان واسطو رکنديون هجن، ايتري تائين جو ڪيترين ئي ڇوڪرين جو استحصال به ڪيو ويندو آهي.
هن پنهنجو مثال ڏيندي چيو ته منهنجي خاندان جا ڪيترائي فرد اڳ ئي شوبز سان واڳيل هئا، تنهن ڪري ان فيلڊ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ مون کي وڌيڪ ڏکيائي پيش نه آئي ۽ مان پاڻ کي خوش قسمت سمجهان ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔