پاڪستان ميڊيڪل جي شعبي ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

جهلم : سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري اعلان ڪيو آهي ته هاڻ ڊائلاسز مشينن سميت طبي اوزار پاڪستان ۾ ئي ٺهندا.
ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري لکيو ته فيصل آباد جي انڊسٽريل زون ۾ 200 ايڪڙ ايراضي تي ميڊيڪل اوزار ٺاهڻ جو زون قائم ڪيو ويو آهي، ميڊيڪل زون ۾ مختلف طبي اوزار تيار ڪيا ويندا، جن ۾ ڊائلاسز ۽ ايڪسري مشينون، اسٽنٽ، ڪينولا، سرنجون شامل آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان هڪ ارب 40 ڪروڙ ڊالر ماليت جا طبي اوزار هر سال درآمد ڪندو آهي پر هاڻ اهي گهٽجي ويندا، فيصل آباد کانپوءِ ٻيو ميڊيڪل زون سيالڪوٽ ۾ ٺهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔