دفتري ڪم جي دٻاءَ سبب چڙ کان بچڻ جا آسان طريقا

لنڊن: نوڪري ڪندڙ ماڻهو ڪم جي دٻاءَ سبب پريشاني جو شڪار ٿي ويندا آهن، جنهن ڪري اڪثر ماڻهن جي روٽين متاثر ٿيندي آهي.
دفتر ۾ ڪم جي دٻاءَ سبب گهڻو ڪري اسان چڙ جو شڪار ٿي ويندا آهيون، ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڪاوڙ اسان جي مزاج ۾ شامل ٿي ويندي آهي.
چڙ اسان کي وقت بوقت متاثر ڪندي رهندي آهي ۽ جيڪڏهن اسان ان تي ضابطو نه آندو ته اها اسان جي مسئلن جو سبب ٿي سگهندي.
اڄ اسان توهان کي دفتر جي ڪم سبب ٿيندڙ چڙ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جا ڪجهه طريقا ٻڌائڻ وارا آهيون.
يوگا صحت لاءِ بهترين ثابت ٿيڻ سان گڏوگڏ چڙ جي ڪيفيت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو، گهرو ۽ ڊگهو ساهه کڻڻ ۽ يوگا ڪرڻ توهان جي دفتري معاملن جي چڙ کي ختم ڪري سگهي ٿو.
پسنديده مشغلو ڳوليو:
پنهنجي روٽين ۾ ڪو اهڙو مشغلو اپنايو جنهن کي ڪرڻ توهان کي پسند هجي ۽ توهان ان مان لطف اندوز ٿي سگهو، ائين ڪرڻ سان انهن ڳالهين تي نه سوچيندئو جيڪي توهان جي چڙ جو سبب ٿين ٿيون.
ڪنهن ويجهي دوست يا مائٽ سان ڳالهايو:
دفتري معاملن جي چڙ کي ختم ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته توهان ڪنهن دوست يا پياري ماڻهوءَ سان ڳالهايو ۽ ان کان مشورو وٺو، ائين ڪرڻ سان توهان ڪافي بهتري محسوس ڪندئو.
منفي ماڻهن کان پري رهو:
اسان جي ڀرپاسي ڪجهه اهڙا ماڻهو ضرور هوندا آهن جيڪي توهان کي به منفي سوچڻ تي مجبور ڪندا آهن ۽ ان جي ڪري توهان چڙ جي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ويندا آهيو ان لاءِ ضروري آهي ته توهان اهڙن ماڻهن کان پري رهو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔