مصر مان کوٽائي دوران اڍائي هزار سال قديمي ستاويهه تابوت هٿ

قاهره: مصر ۾ کوتائي دوران اڍائي هزار سال قديمي ڪاٺ جا 27 تابوت هٿ ڪيا ويا آهن قديمي تابوتن مٿان نقش ۽ ڪيل رنگ اصل حالت ۾ موجود آهي جنهن کي ماهرن عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.قديمي شين جي ڳولا جي لاءِ کوٽائي جي شروعات گذريل هفتي کان ٿي هئي جتان کان ماهرن کي 13 ڪاٺ جا تابوت مليا هئا. مصر جي آثار قديمه کاتي جي ماهرن ڪاٺي جا 13 تابوت ملڻ کان پوءِ وڌيڪ کوٽائي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو جنهن کان پوءِ وڌيڪ 14 تابوت هٿ ڪيا ويا آهن جنهن جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هي اڍائي هزار سال قديمي آهن.مصر جي آثار قديمه پاران اهو اعلان ڪيو ويو آهي ته سقاره جي علائقي مان قديمي مقبرن مان 14 تابوت هٿ ڪيا ويا آهن جيڪي اڍائي هزار سال کان اتي دفن هئا. هي مقبرا ٻه ڏينهن اڳ کوٽائي جي دوران هٿ آيا هئا. هٿ آيل تابوتن کي سٺي طريقي سان محفوظ بنايو ويو هو ان حوالي سان هٿ آيل تابوتن جون تصويرون به جاري ڪيون ويون آهن. تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته تابوتن مٿان گلڪاري ڪئي وئي هئي ۽ ان کان علاوه ان جي مٿان نقش نگار به ٺاهيا ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔