ڀارت ۾ گهڻ ماڙ عمارت ڪِري پئي، 10 فوت، ڪيترائي دٻيل

نئين دهلي : ڀارت ۾ زبون حالي جو شڪار گهڻ ماڙ عمارت ڪِرڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا.
اهو واقعو مهاراشٽرا رياست جي ضلعي ٿاڻي ۾ اڄ سومر جي صبح سوير پيش آيو.
چار ماڙ عمارت جي ملبي مان 10 ڄڻن جا مڙهه ۽ 12 کان وڌيڪ زخمين کي ڪڍيو ويو آهي.
امدادي ڪارڪنن موجب خدشو آهي ته اڃا به 20 کان 25 ماڻهو ان عمارت جي ملبي هيٺ دٻيل آهن.
ان زبون حال عمارت کي مرمت جي سخت ضرورت هئي پر ڪورونا وائرس جي وبا سبب اهو ڪم دير جو شڪار ٿي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔