پاڪستان ۾ ڪورونا وبا کان بچاءُ لاءِ وئڪسين جي انسانن تي ٽرائل جي شروعات

اسلام آباد : پاڪستان ۾ ڪورونا وبا کان بچاءُ لاءِ وئڪسين جي انسانن تي ٽرائل جي شروعات ڪئي وئي آهي ، وئڪسين ڪـَيسائـِينـَو جَي ڪلنيڪل ٽرائل جا نتيجا اچڻ ۾ 4 کان 6 مهينا لڳي سگهن ٿا، وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته وئڪسين جو ٽرائل ملڪ اندر صحت جي نظام ۾ بهتري آڻڻ لاءِ اهم آهي، چين جي مدد سان شروع ٿيل ٻئي مرحلي ۾ 508 ماڻهن تي ٽرائل ڪيو ويندو، ٽئين مرحلي ۾ 8 کان 10 هزار ماڻهن تي ٽرائل ٿيندو، سمورن ٽرائلز جا هاڪاري نتيجا اچڻ کانپوءِ ڪورونا کان بچاءُ جي وئڪسين کي پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔