پاڪ -افغان بارڊر تي سرحد پار کان فائرنگ، پاڪ فوج جو جوان شهيد

راولپنڊي : پاڪ -افغان بارڊر  تي سرحد پار کان فائرنگ  جي نتيجي ۾ پاڪ فوج  جو جوان شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر مطابق سرحد پار کان فائرنگ سبب پاڪ فوج جي چوڪي تي ڪئي وئي، فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو سپاهي 24 سالن جو صابر شاهه شهيد ٿي ويو،فائرنگ جو واقعو گذريل رات باجوڙ سيڪٽر ۾ پيش آيو. آءِ ايس پي آر  مطابق پاڪستان افغانستان اڳيان سرحدي انتظام جو معاملو لاڳاتار اٿاري رهيو آهي،افغان ڌرتي پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي.  واضح رهي ته پاڪ افغان سرحد پار کان پاڪستان جي حدن ۾ فائرنگ جا واقعا ٿيندا رهيا آهن.ٻه مهينا اڳ  به سرحد پار کان ٿيل فائرنگ ۾ 3 شهري شهيد ۽ 7 زخمي ٿيا هئا، جن ٻه سپاهي به شامل هئا…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔