ڪنهن به سياسي عمل سان فوج جو سڌي يا اڻسڌي ريت واسطو نه آهي: عسڪري قيادت

اسلام آباد : آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي پارلياماني اڳواڻن سان ملاقات دوران گلگت بلتستان جي انتظامي مامرن تي ڳالهيون ڪيون ويون. عسڪري قيادت جي پارلياماني اڳواڻن سان گذريل هفتي ملاقات ٿي. وفاقي وزير شيخ رشيد ملاقات جي تصديق ڪئي هئي. رپورٽس موجب عسڪري قيادت جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪنهن به سياسي عمل سان فوج جو سڌي يا اڻسڌي ريت واسطو نه آهي، ضرورت پوڻ تي فوج سول انتظاميا جي مدد ڪندي رهندي. ذريعن موجب چونڊ سڌارن، نيب ۽ سياسي مامرن ۾ فوج جو ڪوبه عمل دخل نه آهي، اُن حوالي سان سياسي قيادت کي ئي ڪم ڪرڻو آهي. رپورٽ موجب ملاقات دوران عسڪري قيادت طرفان فوج کي سياسي مامرن کان پري رکڻ تي زور ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔