حڪومتي ادارن خلاف بيان ڏئي ڀارتي لابي کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي:وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد : اي پي سي ۾ اپوزيشن جماعتن حڪومتي ادارن خلاف بيان ڏئي ڀارتي لابي کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اي پي سي جي فيصلن سان ڪنهن کي به پريشان نه ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان جون پارٽي ترجمانن جي اجلاس دوران ڳالهيون، ذريعن موجب اجلاس ۾ اپوزيشن جي حڪومت مخالف فيصلن ۽ ملڪگير تحريڪ جي اعلان تي به صلاح مشورا ڪيا ويا، وزيراعظم چيو آهي ته اي پي سي ۾ موجود چهرن ۽ سندن ذاتي مقصدن کان قوم آگاهه آهي، ملڪ جا سمورا ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪري رهيا آهن، اپوزيشن جي ادارن تي تنقيد غيرمنطقي ۽ پنهنجي ڪرپشن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي، ذريعن موجب وزيراعظم اي پي سي جي ٺهراءُ جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ ڪجهه وزيرن کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔