لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت لاءِ داخل درخواست تي ليڊر شهباز شريف پيش

لاهور:لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش، شهباز شريف جو چوڻ هو ته گذريل ڀيري نيب آڏو پيش ٿيس، عملدارن ٻڌايو ته جاچ مڪمل ٿي وئي آهي، نيب بدنيتي جي بُنياد تي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس ٺاهيو، آئون اپوزيشن ليڊر آهيان، نيب کان جيڪو پڇڻو آهي، پڇي وٺي، پنهنجا اثاثا پڌرا ڪندو رهيو آهيان ۽ نيب طرفان مني لانڊرنگ جا لڳايل الزام به ڪوڙا آهن، ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته شهباز شريف کان اڃا به جاچ ڪرڻي آهي، جڏهن ملڪيت جي خريداري جو پڇيو ويندو آهي ته شهباز شريف جو جواب ناهي ايندو، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي شهباز شريف ڳالهائيندي چيو ته هن ڀيري اي پي سي ۾ ڏار نه پوندا، نواز شريف جي اچڻ جي باري ۾ ڊاڪٽرز ئي ٻڌائي سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔