مراد سعيد خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مراد سعيد جي خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ سيڪريٽري مواصلات، چيئرمين اين ايڇ اي ۽ آءِ جي موٽرويز به ڌر آهن. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته عدالت نيشنل هاءِ ويز سيفٽي آرڊيننس 2000 تي مڪمل  عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي.

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏنا ته سيفٽي آرڊيننس 2000 تي مڪمل عمل ڪرڻ جو حڪم مون پان ڏنو هو  ان لاءِ مناسب اهو آهي ته توهين عدالت جي درخواست ڪا ٻئي ٻينچ ٻڌي. جنهن تي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته اوهان جو فيصلو آهي، توهين عدالت  جي درخواست به اوهان کي ئي ٻڌڻي آهي. فاضل جج پڇاڻو ڪيو ته ڇا عدالت جو فيصلو برقرار آهي؟ ڪٿي چيلنج يا معطل ته ناهي ٿيو.؟

جنهن تي ايڊووڪيٽ عارف چوڌري عدالت کي آگاهي ڏني ته عدالتي فيصلو موجود آهي جنهن تي عمل نه  ٿي سگهيو آهي. ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  موٽر وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي نيشنل هاءِ وي سيفٽي آرڊيننس 2000 تي مڪمل عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔