ڀارتي حڪومت 6 مهينن کان بند تاج محل کي سياحن جي لاءِ کوليو ويو

ممبئي : ڀارتي حڪومت 6 مهينن کان بند تاج محل کي سياحن جي لاءِ کوليو ويو آهي، ڀارتي ميڊيا موجب تاج محل ۽ آگره جي قلعي کي ڪورونا وائرس جي ڪري 17 مارچ تي سياحن جي لاءِ بند ڪيو ويو هو، جنهن کي 6 مهينن بعد کوليو ويو آهي، ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته تاج محل ۽ آگره قلعي کي مڪمل ايس او پيز سان گڏ کوليو ويو آهي ۽ هتي ايندڙ سياحن کي ڪورونا جي ڪري لاڳو هدايتن تي عمل ڪرڻو پوندو. ڀارتي ميڊيا موجب تاج محل ۾ هڪ ڏينهن دوران 5 هزار سياحن کي داخلا جي اجازت ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔