ڪراچي جي نجي هوٽل ۾ نيپرا طرفان عوامي ٻڌڻي ،شهرين ڪي اليڪٽرڪ خلاف شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا

ڪراچي : ڪراچي جي نجي هوٽل ۾ نيپرا طرفان عوامي ٻڌڻي دوران شهرين ڪي اليڪٽرڪ خلاف شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ ڳرا بِلز موڪلڻ تي انتظاميا خلاف نعريبازي، شهرين جي گوڙ ۽ دانهن بعد ٻڌڻي بدنظمي جو شڪار ٿي وئي، نيپرا چيئرمين کي ٻڌڻي اڌ ڪلاڪ لاءِ ملتوي ڪرڻي پئي، نيپرا چيئرمين توصيف فاروق جو چوڻ هو ته اسان هتي فيصلو ڪرڻ لاءِ نه، پر ڪراچي واسين جا مسئلا ٻڌڻ آيا آهيون، فني مسئلا ۽ انتظاميا طرفان مهيا ٿيندڙ سروس جو جائزو وٺڻ به اسان جي ذميواري ۾ شامل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔