ياسمين راشد پاران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي ڏيهه واپس اچڻ جو مشورو

لاهور : پنجاب جِي صحت واري وزير ياسمين راشد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي ڏيهه واپس اچڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم جي ميڊيڪل رپورٽ جعلي نه هئي. لاهور ۾ ميديا سان ڳالهائيندي ياسمين راشد چيو ته سٺي ڳالهه آهي ته نواز شريف بنا علاج جي ٺيڪ ٿي رهيو آهي. هن چيو ته 10 ڀيرا وضاحت ڏئي چڪي آهيان ته نواز شريف جي صحت واري معاملي تي ميڊيڪل بورد کي بيوقوف ناهي بڻايو ويو، نواز شريف جون پراڻيون ميڊيڪل رپورٽس جعلي نه هيون. ياسمين راشد چيو ته نواز شريف کي جيڪڏهن سياست ڪرڻي آهي ته پاڪستان اچڻو پوندو، ان ڪري کيس مشورو ڏيان ٿي ته ڏيهه واپس اچي…………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔