وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب، اي پي سي جي فيصلن جو جائزو ورتو ويندو

اسلام آباد : وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اپوزيشن جِي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ حڪومت مخالف فيصلن سميت ملڪ جي موجوده سياسي توڙي معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي منجهند جو 12 هين وڳي پي ايم هائوس ۾ ٿيندو، جنهن جِي 14 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي. ڪابينا ملڪي سياسي، معاشي توڙي سلامتي جي صورتحال جو جائزو وٺندي، جڏهن ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ حڪومت مخالف فيصلن تي به غور ڪيو ويندو. اجلاس ۾ نواز شريف جي سياسي سرگرمين ۽ آل پارٽيز ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب جو قانوني اعتبار سان جائزو ورتو ويندو. ڪابينا آل پارٽيز ڪانفرنس جي حڪومت خلاف تحريڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي پڻ جوڙيندي. سياسي اڳواڻن خلاف نيب ڪيسز ۽ انهن ۾ هيل تائين ٿيل اڳڀرائي وارو معاملو به ايجنڊا ۾ شامل آهي. تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ خاص معاون فيصل سلطان ڪرونا صورتحال تي ڪابينا کي بريفنگ ڏيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔