سموري سنڌ ۾ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ واري مهم شروع

ڪراچي : سموري سنڌ ۾ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ واري مهم شروع ٿي وئي آهي، صحت واري وزير عذرا فضل پيچوهو موجب هڪ هفتي تائين هلندڙ مهم دوران 90 لک ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا، 10 هزار کان وڌيڪ ٽيمون ايس او پيز تي عمل ڪندي ٻارن کي ڦڙا پيئارينديون. سنڌ ۾ پوليو کان بچاءَ واري مهم اڄ کان شروع ٿي وئي آهي، 29 ضلعن جي 90 لک ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا ويندا. صحت واري وزير موجب 50 هزار کان وڌيڪ پوليو جا رضا ڪار ڊيوٽي سرانجام ڏيندا ، جڏهن هت رضا ڪارن جي سڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز جون خدمتون به حاصل ڪيون ويون آهن ……..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔