نهر خيام پلاٽس الاٽمينٽ ريفرنس: عبدالغني مجيد جي بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد : اسلام آباد جِي احتساب عدالت نهر خيام پلاٽس جِي غير قانوني الاٽمينٽ واري ريفرنس ۾ اومني گروپ جَي سربراهه انور مجيد جي پُٽ عبدالغني مجيد جي بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو 28 سيپٽمبر تي ٻڌايو ويندو. اسلام آباد جي احتساب عدالت جَي جج اعظم خان نهر خيام پلاٽس ڪيس ۾ عبدالغني مجيد، ممتاز حيدر ۽ ٻين جوابدارن جِي بريت واري درخواست تي ٻڌني ڪئي. عبدالغني مجيد جَي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سندس اصيل ڪنهن عوامي عهدي تي ناهي رهيو، پلي بارگين ڪندڙ جوابدار جي درخواست رڪارڊ ۾ نه آهي. وڪيل ارشد تبريز چيو ته جعلي اڪائونٽس کي ايمنسٽي اسڪيم ۾ ڊڪليئر ڪيو ويو، هن ريفرنس ۾ ته ڪيس ٺهي ئي نٿو. نيب جَي پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته نيب آرڊيننس ۾ واضح آهي ته ڪنهن جي خلاف ڪيس ٺهي ٿو، جوابدار پلاٽ ذريعي هزار ملين رپيا پنهنجي کيسي ۾ وڌا، حڪومتي پلاٽ کي اومني گروپ کي وڪرو ويو. نيب جي پراسيڪيوٽر عدالت کي استدعا ڪئي ته عبدالغني مجيد جي بريت واري درخواست رد ڪئي وڃي. عدالت دليل مڪمل ٿيڻ بعد عبدالغني مجيد جِي بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو 28 سيپٽمبر تي ٻڌايو ويندو….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔