نواز شريف ادارن جي مدد سان سياست ۾ جڳهه ٺاهي: فواد چوڌري

اسلام آباد : وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف ادارن جي مدد سان سياست ۾ جڳهه ٺاهي، هاڻي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙهي رهيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئٽ ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چورڌي چيو ته نواز شريف گذريل ڏينهن اي پي سي کي ڪيل خطاب دوران گهڻيون شيون پوري طرح نه ٻڌايون. هـُن چيو ته نواز شريف اهو به ٻڌائڻ وساري ويٺو ته ڪهڙي ريت هُن ادارن جي مدد سان سياست ۾ جڳهه ٺاهي هئي. فواد چوڌري چيو ته نواز شريف اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جِي مدد سان اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني خلاف ڪارو ڪوٽ پائي عدالت پهتو هو، هاڻي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙهي رهيو آهي…………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔