ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 4 ڄڻا فوت، 600 کان وڌيڪ ڪيس ظاهر

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪرونا وائرس تي ٻنجو نه آيو، 24 ڪلاڪن دوران 6 سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس ۽ 4 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽرل پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب 24 ڪلاڪن دوران 33 هزار 3 سئو 93 ٽيسٽ ڪيون ويون. اين سي او سي موجب ٽيسٽن دوران 6 سئو 33 مريض پازيٽو آيا، جنهن بعد مجموعي طور تي مريضن جو انگ 3 لک 6 هزار 304 ٿي ويو آهي. ان کان علاوه 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 4 مريض به فوت ٿيا آهن، جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 6 هزار 4 سئو 20 ٿي ويو آهي……….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔