اڪشي ڪمار جو ”پب جي“ جي جاءِ تي ” فو جي“ گيم متعارف ڪرائڻ جو اعلان

نئين دهلي: بالي ووڊ کلاڙي اڪشي ڪمار ڀارت جي ٽيڪنالاجي ڪمپني سان چيني موبائيل گيم ” پب جي“ جي متبادل گيم متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اڪشي ڪمار سماجي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي ”فو جي“ گيم جي پرومو تصوير شيئر ڪندي اعلان جي وضاحت ڪئي ته ڄاڻايل گيم وزير اعظم نريندر مودي جي آتما نرڀار ويزن جي تحت پيش ڪئي پئي وڃي.
ڪشي ڪمار ٻڌايو ته فو جي گيم جي ذريعي جتي ماڻهن کي انٽرٽينمنٽ ۽ تفريح فراهم ڪئي ويندي، اُتي ئي ان گيم جي ذريعي ڀارتي سيڪيورٽي اهلڪارن جي قربانين کي به ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.
گڏوگڏ ئي هن اعلان ڪيو ته ڄاڻايل گيم مان ٿيل ڪمائي جو 20 سيڪڙو حصو ” ڀارت ڪا وير“ نالي حڪومتي منصوبي ۾ ڏنو ويندو.
ان منصوبي جي تحت ڀارتي حڪومت فنڊ گڏ ڪري سيڪيورٽي اهلڪارن جي وارثن کي ڏيندي آهي.
اڪشي ڪمار فو جي گيم جي حوالي سان مقامي خابرو اداري پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته بالي ووڊ رانديگر هڪ ٽيڪنالاجي ڪمپني سان گڏجي گيم متعارف ڪرائي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔