ترڪي پاران نيٽ فليڪس کي بولڊ فلم رليز نه ڪرڻ جو حڪم

انقره: اسٽريمنگ ويب سائيٽ “نيٽ فليڪس” تازو ئي ايوارڊ يافته فرانسيسي فلم “ڪيوٽيز” جو ننڍو ٽريلر جاري ڪندي ان کي هلندڙ مهيني 9 سيپٽمبر تي رليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
فلم جو ٽريلر ۽ پوسٽر سامهون ايندي ئي سڄي دنيا ۾ ان تي تنقيد شروع ٿي وئي هئي.
لم ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪرين کي بولڊ انداز ۾ ڏيکارڻ تي مختلف ملڪن جي ماڻهن اسٽريمنگ ويب سائيٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو هو ته ڄاڻايل فلم کي رليز نه ڪيو وڃي.
ڪيوٽيز فلم جي خلاف چينج آرگنائيزيسن پليٽ فارم تي آن لائين پٽيشن به داخل ڪرائي وئي هئي، جنهن ۾ نيٽ فليڪس جي ڄاڻايل فلم کي رليز نه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.
هاڻ ترڪ حڪومت جي فلم ۽ ميڊيا ريگيوليٽر اداري نيٽ فليڪس کي ڄاڻايل فلم کي ترڪي ۾ رليز نه ڪرڻ جو چيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ترڪ حڪومت جي وڊيو اينڊ ٽيليويزن هاءِ ڪائونسل (آر ٽي يو ڪي) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ڪيوٽيز فلم کي نامناسب فلم قرار ڏيندي ٻڌايو ويو ته ميڊيا ريگيوليٽر اداري نيٽ فليڪس کي ڄاڻايل فلم ترڪي ۾ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏيندو.
پورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته آر ٽي يو ڪي طرفان نيٽ فليڪس جي فلم کي ٻارن جي استحصال تي ٻڌل فلم قرار ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔